ناري جي اغوا معاملي تان جهيڙو 2 ڄڻا زخمي

ٺڪراٺو(رپورٽ: حضرت گل پٺاڻ)ٺڪراٺي ۾ ناري گهران نڪري وڃڻ تي وچ شھر ۾ مهتم ء پنجاپي برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙو لٺيون سروٽا لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فقير پاڙي مان نوجوان ناري شمع ناز پنجابي جي گھران نڪري وڃڻ جي ڳالھ تان پنجابي فقير ۽ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ وچ شھر اندر جھيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا ڪاشف ۽ عبدالحليم مھتم زخمي ٿي پيا، سوين شھري گڏ ٿي ويا ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ پئجي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي جھيڙو ٽاري ورتو انھي سلسلي ۾ ناري شمع ناز پنجابي فقير جي ڌر رابطو ڪرڻ تي الزام ھڻندي چيو آھي ته اسانجي نوجوان ناري شمع ناز کي مزمل مھتم اغوا ڪري کڻي ويو آھي جيڪا سراسر ناجائزي آھي پنجابي فقير ڌر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي اغوا ٿيل ناري آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي ٻئي طرف مھتم ڌر جو چوڻ آھي ته اغواجو الزام ڪوڙو آھي اسانجو نوجوان هن وقت گهر ۾ موجود آھي  جڏھن ته پوليس اطلاع باوجود ٿيل جھيڙي واري ھنڌ نه پھتي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چڱن مڙسن ٺاھ ڪرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو