ناري بعد مانجهند ۾ ماڪڙ جو حملو، فصل تباهه، آبادگار پريشان

مانجهند)مهراڻ يوسف عمراڻي (خيرپور جي ناري تعلقي تباهي بعد سن جي آسپاس سوين ايڪڙن تي پوکيل فصلن تي ماڪڙ حملو ڪري کائڻ شروع ڪيو آهي. وونئڻ، جوئر ۽ ٻين فصلن جي تباهي ڪري ڇڏي آهي. جنهن سبب سن، مانجهند، لڪي شاه صدر ۽ انڙپورسميت تعلقي جا آبادگار سخت پريشان آهن. زراعت کاتي طرفان ڪا به جاڳرتا مهم ۽  حفاظتي اپاءَ ناهن ورتا ويا. زميندار ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ڳالهائيندي چيو ته 50 سال اڳ ماڪڙ ٿر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پهچي وڏي تباهي مچائي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻ وري ماڪڙ حملو ڪيو آهي، ماڪڙ جيت هڪ رات ۾ هڪ سئو بيضا مٽي جي اندر پيدا ڪندو آهي، جڏهن ته هن وقت لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ فصل کي کائي تباهه ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن ماڪڙ رهي ته اها فصل ته کائي چٽ ڪري ڇڏيندي پر ان سان گڏوگڏ جانورن جو چارو ۽ وڻن کي به کائي تباهه ڪري ڇڏيندي، ماڪڙ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت وٽ ئي ڦوهاري واري دوا موجود هوندي آهي، جيڪا جهاز ذريعي ڪرائي وڃي. زرعي ماهر جلال ٽانوري تعلقي جي مختلف ديهن جي فصلن جو معائنو ڪندي ميڊيا سان  ڳالهائيند چيو  ته ماڪڙ جيت لکن جي تعداد ۾ فصلن ۾ موجود آهي، جيڪا فصلن کي وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿي. ماڪڙ (تڏ)  تباهي مچائيندڙ، وڏي، ميڙ ۾ تبديل ٿيندڙ ۽ وڏي اڏام رکندڙ (تڏ) آهي، هي هر قسم جي سائي فصل ۽ وڻن کي وڏي چاهه سان کائيندو آهي. پن، ميوو ۽ ڏانڊيون سڀ چٽ ڪري ڇڏيندا آهن هن وڌيڪ چيو ته تعلقي  ۾ ماڪڙ، اسپري ذريعي ڪنٽرول ٿو ڪري سگهجي ٿو. آبادگارن  علي محمد ڇڇر، نويد الزمان ملاح، ايم حنيف لاشاري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد سن سميت آسپاس جي علائقن ۾ موجود فصلن تي جهاز ذريعي اسپري ڪرائي ماڪڙ (تڏ) تي ضابطو آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو