نارا ڪينال ۾ واڌو پاڻي سبب بند ڀڄي پيو، فصلن کي نقصان

نارو(محمد نواز ناريجو) کينهواري واري علائقي ۾ نارا ڪئنال جي پاڻي جي وهڪرن ۾ 11100ڪيوسڪ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن سبب نارا ڪئنال جي  کاٻي پاسي آرڊي 285 وٽان پاڻي جي تيز وهڪرن بند کي ٽوڙي ڇڏيو، ناقص پٿرن سان ٺهيل پچنگ به لڙهي وئي آهي ۽ پاڻي سوين ايڪڙن بيٺل فصلن کي ٻوڙي آبادي طرف وڌي رهيو آهي. جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو انديشو وڌي ويو آهي پاڻي جي وهڪرن ايريگيشن عملي جي ڪرپشن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي هڪ سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان بچاء بند جي پچنگ ڪرائي وئي هئي  نارا ڪئنال جي ڪپرن جو ڪم صرف ڪاغذي ڪاروائين تائين نظر اچي ٿو جڏهن ته علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي ڳوٺاڻن جي  اطلاع باوجود ايريگيشن عملدارن ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ڊي او ايريگيشن نارا سيد زمان شاه سنڌيار کي ٻڌايو ته پچنگ اڳوڻي ايس ڊي او امداد علي ڦلپوٽو جي دور ۾ ٿي هئي نيب جي ڪاروائين جي خوف سبب هن طبيعت خراب هجڻ جو جواز ڄاڻا ئي موڪل ڪري ڇڏي آهي اسان پاڻي گهٽ ڪرائي پچنگ ڪرائينداسين ۽ ڳوٺاڻن جي مدد ڪبي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو