نارا ڪينال کي گهارو، بنا نقصان 5 ڪلاڪن بعد بند

ورڪشاپ (اياز شر) نارا ڪينال جو بند ڪمزو ھجڻ سبب ناراڪينال جي آرڊي 52 وٽان 15 فٽ گھارو  ڳوٺاڻن آپياشي عملي کي بر وقت اطلاع ڏنو جنھن باوجود ڏيڍ ڪلاڪ بعد آبپاشي عملو گهاري واري ھنڌ پھتو جنھن بعد گهاري کي بند ڪرڻ لا ڳري مشينري گھرائي وئي جنھن جي مدد سان مسلسل پنج ڪلاڪ جي جفاڪشي بعد ناراڪينال کي پيل گهارو ٻٻرن جا قديمي وڻ ڳري مشينري جي مدد سان ڏئي بند ڪري ورتو رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او نارا ڪينال ڪانتيش ڪمار چيو ته اسانکي جئين اطلاع ملي اسانجو عملو فوري ڳري مشينري ساڻ ڪري گهاري واري ھنڌ پھتو مون خود پھچي پنھنجي نگراني ۾ ڪم ڪرايو. نارا ڪينال جو کاٻو ڪپ ھجڻ ڪري ڳوٺ ۽ آبادي پري ھئي جنھن تائين پاڻي پھچڻ کان اڳيئي اسان گھارو قابو ڪرائي ڇڏيو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو