نادرا پاران 10 ايرانين کي ڪوڙا شناختي ڪارڊ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نادرا عملدران جي ملي ڀڳت سان وڌيڪ 10 ايرانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ايف آءِ اي طرفان سخت ايڪشن باوجود جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آھي،  ايف آءِ اي جي خصوصي ٽيمن مختلف علائقن مان 10 ايرانين کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ۽ ايراني ايجنٽن جي مدد سان جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪيا ويا، گرفتار ايراني جعلي دستاويزن ذريعي قطر وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. نادرا آفيسرز خلاف ڪارروائي ۽ انڪوائري باوجود جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ايف آءِ اي طرفان گرفتار ايرانين کان جاچ لاءِ ڪميٽي ۾ اعليٰ آفيسرز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو