نادرا سنڌ مان 20 لک غيرمليڪن کي ڪوڙا ڪارڊ جاري ٿيا، فاروقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نادرا سنڌ جي سينٽرن ۾ 20 لک کان مٿي غيرملڪين کي ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيل آهن جيڪي بلاڪ ڪيا ويا آهن. اها ڳالهه ايف اءِ اي جي ڊائريڪٽر عامر فاروقي پريس ڪانفرسن دوران ٻڌائي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايف آءِ اي 2 نادرا آفيسرن ۽ ڪجهه ايجنٽ گرفتارڪيا آهن جن خلاف قانوني ڪاروائي جاري آهي. هن چيو ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪندڙ 3 افغاني به گرفتار آهن. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته شفيع برفت ۽ الله نذر بلوچ جي گھر واري کي به جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وياآهن جيڪي ڪوڙن دستاويزن تي مختلف نالن سان پرڏيهه فرار ٿي ويا.هن چيو ته صفوره ڌماڪي ۽ چيني قونصل خاني تي حملو ڪندڙن کي به جعلي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا هئا، نادرا ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 60 سيڪڙو آفيسر ڪرپٽ آهن. هن چيو ته جعلي شناختي ڪارڊن جا نمبر حاصل ڪري ورتا آهن، انهن کي بلاڪ ڪيو ويندو، سسٽم ۽ سافٽ ويئر کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن، افغان پاليسي، 1951 واري انڊين مهاجرن واري پاليسي ۽ سسٽم انڊيپينڊنٽ پاليسي جي آڙ ۾ جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اشفاق جمالي ۽ افروز کي گرفتار ڪيو ويو، ايجنٽ خيال خان کي به سوگھو ڪيو ويو، جعلي سڃاڻپ حاصل ڪندڙ ٻن افغانين محمد رسول ۽ اختر محمود کي به سوگھو ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن جي پراسيس ۾ وڏي پئماني تي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا، جن جو تعداد 20 کان 40 لک آهي، جيڪي حقيقيت ۾ موجود ناهن پر انهن ڪارڊن کي غلط استعمال ڪري سڄي اليڪشن پراسيس کي خراب ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پرائيم انٽيليجنس ايجنسي جاچ ڪري رهي آهي، سنڌ جا 60 سيڪڙو آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن، اسان ڪنهن ڪميونٽي جي خلاف ناهيون ۽ نه ئي ڪميونٽي تي الزام ٿا هڻون، جعلي ڪارڊ جاري ڪري پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي آهي، جيڪو به هن غيرقانوني ڪم ۾ ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نادرا قانون تحت رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪندڙ کي 14 سال قيد جي سزا ملندي، دهشتگردن کي شناختي ڪارڊ جاري ٿيا، ان جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت به داخل ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته شفيع برفت جعلي ڪارڊ تي ملڪ مان فرار ٿي ويو، الله نظر بلوچ جي گھرواري کي به ٻيو ڪارڊ جاري ڪيو ويو، ايجنٽن ذريعي پئسن جي خاطر انڊين، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو