نادرا جو ڪارنامو، شهري کي مرد مان عورت ڄاڻائي ڇڏيو

ٺل(عبدالنبي شيخ) نادرا وارن جي ڪارنامن شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ٺل جي شهري ظهور احمد پٽ امام الدين پريس ڪلب اچي دانهيو ته نادرا آفيس ٺل وارن منهنجي ڪارڊ ۾ جنس جي جڳھ تي فيميل لکي ڇڏيو آهي جيڪو هاڻ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ به ڌڪا کائڻا پون ٿا. ڪارڊ ۾ نشاندهي ڪرائڻ لاءِ نادرا جو عملو بدتميزي ڪري ٿو، نادرا جي عملي جي خلاف شهري دانهيو ته منهنجو ڪارڊ ٺيڪ ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت آئون احتجاج ڪندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو