نائين محرم تي سڄي ملڪ ۾ سخت سيڪورٽي ۾ جلوس منعقد

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي دنيا جيان پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نائين محرم جا جلوس ڪڍيا ويا، مجلسون منعقد ڪري امامن جي عظيم قربانين کي اجاگر ڪندي کين ڀرپور خراج پيش ڪيو ويو. لاهور، پشاور، ڪوئٽا ۽ ڪراچي ۾ به جلوس ڪڍيا ويا.سخت سيڪورٽي جي انتظامن ۾ جلوس ڪڍيا ويا، اڪثر جاين تي موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي. پنجاب جي 36 شهرن ۾ فون معطل ۽ 13 شهرن ۾ فضائي نگراني ڪئي وئي. مرتضيٰ وهاب موجب سنڌ جي مخصوص شهرن ۽ علائقن ۾ موبائيل سروس معطل ڪئي وئي آهي. برسات سبب ڪافي جاين تي جلوسن جي رستن پاڻي ۽ ڪيچڙ باوجود مومنن جلوس ڪڍيا. سبيلون لڳايون ويون ۽ لنگر تقسيم ڪيا ويا. ڪراچي کان ڪشمور ۽ جيڪب آباد کان ٿرپارڪر تائين ننڍن وڏن شهرن ۾ عزادارن ماتمي جلوس ڪڍيا. سکر مان نمائندي موجب روهڙي ۾ ساڍا 500 سالا تاريخي شمع گُل جو ماتمي جلوس برآمد ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پيهه ۽ ٻوسٽ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ٻارڙي سميت 20 عزادار بيهوش ٿي ويا. روهڙي ۾ ماتم ڏسڻ جي لاءِ گھر جي ڇت تي بيٺل 5 عورتون ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو جن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوءِ گھرن ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي.شمع گل جو تاريخي ماتم امام بارگاهه شاهه نجف کان برآمد ٿيو، جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ عزادار شريڪ ٿيا، جلوس ۾ پيهه ۽ ٻوسٽ جي ڪري ڪيترائي عزادار بيهوش ٿي ويا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ هڪ عزادار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. شمع گل جي ماتمي جلوس جي گذر گاهن تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

Saleh Pat
Noshehroferoze
Mubarakpur

پهنجو تبصرو موڪليو