نئين گاج ۾ 13 فٽ پاڻي، 50 ڳوٺڻ جو رابطو ڪٽجي ويو

ڊرگهه بالا( رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ )ڪاڇي ۾ تيز برساتن بعد نئين گاج سميت مختلف نيون وهي آيون روڊ رستا بند ٿي ويا ٽرئفڪ دادو هيڊ ڪوارٽر نه پهچڻ ڪري علائقي واسي پريشانين جو شڪار ، مسلسل برسات کان پوء  تاريخي شهر  ڊرگھ بالا, واهي پانڌي جو رستو ٽُٽي پيو جڏھن ته گذريل سال  برساتن کان ٽٽل روڊن کي ويتر نقصان برسات کان پوء ڊرگھ بالا ۽آس پاس جي پنجاهه ڳوٺن جي ٽرئفڪ جوھي ۽ دادو نه پهچڻ ڪري کاڌي پيتي جون شيون نه اچڻ ڪري دڪاندار طبقو توڙي غريب عوام پريشانين ۾ مبتلا آهن.

Photo Sindhyar

برسات کان پوء نئين گاج ساڍا تيرنهن فوٽ وهي آئي گاج ڊائيوريشن بند ٽٽل هزارين جوھي ۽ ڪاڇي جا ڳوٺ خطري ۾ ٻڏڻ جي خوف سبب  هيٺانهين وارن ڳوٺن جعفرخان لنڊ, سرائي فقير محمد لنڊ, گزياڻي لنڊ,  سڄڻ پئي, محمد حسن گرماڻي سميت سوين ڳوٺن ۾ لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري موسميات کاتي پاران ايندڙ چار پنج ڏينهن وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي بعد  پاڻي اچڻ سبب علائقي واسين ۾ خوف ڦھلجي ويو, هوڏانهن ڳوٺ راڄو ڳنڍو وٽ نئين گاج جي مُک وهڪرن وٽ مورين کي پاڻي جا گهارا لڳڻ سبب ترت ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪري ورتا آخري اطلاعن تائين ڪوبه سياسي ۽ سرڪاري عملدار نه پهتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو