نئين آيل ڊي ايڇ او جا اسپتالن جا دورا، ويڪسين عمل تيز ڪريو

نوشھرو فيروز : (رپورٽ منظور ملڪ) نئون آيل ڊي اڇ او نوشھرو فيروزچارج ملڻ بعد پھريون ڀيرو مٺياڻي اسپتال پھتو ۽ ڪرونا ويڪسين سينٽر ۽ وارڊن جي وزٽ ڪري معلومات ورتي  ان موقعي تي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي کيس اسپتال جي مسئلن دوائن جي کوٽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ بابت آگاھي ڏني. ان موقعي تي صحافين اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ محنتي ڊاڪٽر غلام سرور شاھ جي بدلي روڪي واپس مٺياڻي اسپتال مقرر ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. جنهن تي ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز چيو ته منھنجو اسپتال وزٽ ڪرڻ جو مقصد ئي اھو آھي ته اسپتال جي مسعلن جي ڄاڻ ملي ۽ مان ڪوشش ڪيان پيو ته جيئن غريب ماڻھن کي علاج جون بھتر سھولتون ڏئي سگھن ۽ جلد دوائن ۽ عملي جي کوٽ پوري ڪئي ويندي ان موقعي تي عملي کي ڪرونا ويڪسين واري عمل کي تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو