نئون ديرو جي ناري جو معذور نوجوان سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو

ملير (اسٽاف رپورٽر) نئون ديرو جي رهواسڻ ناري سنبل حب خيرپور ناٿن شاھ جي رهواسي معذور نوجوان آزاد گاڏهي سان ملير جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ملير نيشنل پريس ڪلب پھچي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪجھ وقت اڳ اسان جو فيس بوڪ تي رابطو ٿيو، هڪٻئي سان رابطي بعد دوستي ٿي هاڻي اسان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي.ناري چيو ته اسان جو فيس بوڪ تي رابطو ٿيو مون آزاد کي سامھون به ڏٺو هو، ان جي باوجود به هو مونکي سٺو لڳو هو، قابل انسان آهي معذور آهي ته پرواھ ناهي، عدالت ۾ شادي بعد مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، وس وارن کي اپيل آهي ته اسان جي جان کي خطرو آهي، اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.هنن چيو ته اسان جي زندگيءَ کي خطرو آهي، وڏيرا ۽ پوليس اسان کي ڳولي رهيا آهن، ناري سنبل چيو ته گهڻو خطرو پنهنجي مامي جبار مان آهي، اهو ۽ ٻيا اسان کي جاني نقصان ڏيڻ چاهين ٿا، اسان کي ڪجھ به ٿيو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪرائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو