ن، ي ۽ ب جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن واران لاءِ خوشخبري

عمرڪوٽ (ن سنڌيار) سنڌ جي نامياري ايسٽرولوجسٽ يعني ستارن جو علم رڪندڙ ڀڳوانداس جٽيا چيو آهي ته،  ن   ي  ۽ ب ،  جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي طالع ۾  4 آڪٽومبر کان زھرہ  ۽ مشتري  سيارا داخل ٿي چڪا آهن جيڪي 2 ڊسمبر تائين موجود رهندا. هندي ايسٽرولوجي واري لال ڪتاب مطابق ڪيل سندس اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته انهن حرفن وارن نالن جي ستين خاني تي سعد نظر پوڻ جي ڪري   پوندڙ نحس اثرات ختم ٿي ويندا. انهن نالن وارن ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي ته سندن اندروني بيروني  معاملات ۾ ، سياسي، سماجي، گھريلو، قانوني ، بزنس ، مالياتي ، شخصي بھتري ء انھن معاملن ۾ سٺي خبر ملندي. انهن حرفن وارن نالن جي ماڻهن کي صلاح آهي ته بهتر ماحول جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش به تيز ڪن ته ڪاميابي قدم چمندي. هنن ماڻهن لاءِ  جمع جي ڏينهن سفيد ڪپڙي جو صدقو ڏيڻ بھتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو