مڪي آرٿر حفيظ پاران لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ مڪي آرٿر پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي رانديگرن کي کيڏائڻ جا حفيط پاران لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. سرگوڌا ڄائي محمد حفيظ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ مٿس الزام لڳايو هو ته جڏهن هو ڪوچ هو ته سڀ ڪجهه سندس مرضي سان ٿيندو هو ۽ هو پنهنجي من پسند رانديگرن کي کيڏائيندو هو. مڪي آرٿر چيو آهي ته هو پاڪستان جي پيشيور ۽ ميچ کٽائيندڙ رانديگرن کي کيڏائيندو هو. ماضي ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪوچنگ جو اعزاز رکندڙ مڪي چيو آهي ته مونکي اهي رانديگر بلڪل پسند نه هئا جيڪي پنهنجي خول ۾ بند رهندا هئا ۽ چوندا هئا ته هنن پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ ڪامران اڪمل به مڪي آرٿر تي ساڳيو الزام لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو