مڪاني چونڊون ۽ سنڌ ۾ پي پي مخالف اتحاد

ليکڪ     سيد زوار حسين شاهه

سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاه اهم ڳالهه ڪندي چيو ته مڪاني چونڊون عام چونڊن کان اڳ ڪرائينداسين جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته سڄي سنڌ م  اليڪشن جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن ، جڏهن ته سنڌ ۾ هي بلدياتي اليڪشن منفرد هوندي ، سڄي سنڌ م برادري بنياد تي اتحاد جڙي رهيا آهن ، جيڪي پنهنجي ميڙاڪن م اڪثر هڪ ڳالهه ورجائين ٿا ته هن وقت پنهنجي پنهنجي فورمن جا ميمبران سياسي پارٽين اڳيان اليڪشن م ميمبر بيهاريندا جنهن کان پوء ٽائون ڪاميٽيز يا يونين ڪائونسلز جي چيئرمين لاء ميمبر گهرجن ، جنهن سان ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿيندا ، عوام جنهن کي اڪثر سياستدانن نظر انداز ڪيو آهي جنهن کان پوء صورت حال وڏي دلچسپ ٿيندي پئي وڃي ، جيڪڏهن مان سنڌ سميت مان صرف راڻيپور جي سماجي رهنمائن سماجي تنظيمون جوڙي سياستدانن لاء مسئلا پيدا ڪيا آهن ، پر هڪ بهترين ڳالهه ته سماجي تنظيمون مختلف فورم جنهن ۾  راڻيپور شهري اتحاد ، عوام اتحاد راڻيپور ، هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ ، شاه لطيف فائونڊيشن ۽ هڪ نئين فورم جيڪا پهريان به سنڌ سميت راڻيپور ۾ ڪم ڪيو جنهن جو نالو سنڌ مددگار فورم آهي جنهن جو اڳواڻ ايڊوڪيٽ سماجي رهنما مير ڪمال ٽالپر آهي جنهن سڄي سنڌ م  يونٽ کولڻ لاء پنهنجي سٿين کي چيو آهي جڏهن ته راڻيپور فورم ڄن سڄي سنڌ جي فورمن جي ليڊ ڪري رهيو آهي ، جڏهن ته عوامي اتحاد راڻيپور ، جنهن جو اڳوان سابق چيئرمين ٽائون ڪاميٽي راڻيپور بهترين سماجي شخصيت شيعه رهنما زوار حاجي وڏيرو غالم اصغر وساڻ ، رٽائرڊ فوجي وحيد سرڪي ذاهد حسين ۽ ٻيا ڪم ڪري رهيا آهن برحال عوام جا ڪنهن نه ڪنهن بهاني مسئلا حل ٿي رهيا آهن اهي ئي فورم ۾ اليڪشن بلدياتي هجي يا عام اليڪشن هجي سياستدانن لاء مسئلا حل  ڪندا ،        ڳوٺ علي حسن شاهاڻي ۾ پ پ تعلقه سيوهڻ جي صدر امان الله شاهاڻي جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو اهتمام اهڙي طرح ڪيو وڃي جنهن تي ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدمشماري تي اعتراض سي سي آئي ۾ پيش ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن سبب اسانجي حق تلفي ٿئي ٿي. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته نواز شريف جي افغان نمائندي سان ملاقات بابت خبر ناهي فقط ميڊيا تي ٻڌو آهي. وڏي وزير ملڪي خارجا پاليسي کي بهتر بنائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ملڪ جي خارجا پاليسي ڪمزورآهي. جنهن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ ڪمزور خارجا پاليسي سبب پاڙيسري ملڪن چين، ايران ۽ افغانستان سان رابطا متاثر ٿي رهيا آهن ۽ وفاقي حڪومت طرفان چين سان موثر رابطن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  ۽ پي پي پي جي هر دور ۾ چين سان مضبوط لاڳاپا هوندا هئا. اهڙا لاڳاپا بحال ڪيا وڃن ۽ هاڻي  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وفاقي حڪومت آمريڪا سان لاڳاپن  کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي.

File Photo

هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪلهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته حڪومت ته مونجهاري جو شڪار آهي پر  مخالف ڌر پڻ مونجهاري جو شڪار لڳي رهي آهي.  پي ڊي ايم جي بنياد بلاول ڀٽو زرداري پاران گهرايل  آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ وڌو ويو هو، جنهن جو مقصد نااهل وفاقي حڪومت جنهن ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آهي. ان کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ هو پر وفاقي حڪومت کان استعيفيٰ گهرڻ بدران پي ڊي ايم جي ڪجهه پارٽين پاران چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري کان ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي گهر ڪئي.  هن چيو ته مخالف ڌرجي پارٽين کي هڪ دفعو ٻيهر متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن وفاقي حڪومت مان اها اميد نه آهي ته هو غريب عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي. آغا سراج دراني بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته آغا سراج دراني اسانجي معزز سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي، جنهن کي نيب ذريعي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نيب کي سندس خلاف هن مهل تائين ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو آهي ۽ مان سندس خلاف  ميديا ٽرائل جي مذمت ڪيان ٿو. منڇر ڍنڍ بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته 2017 ۾ ڪوشش ڪري منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت کان هڪ منصوبو منظور ڪرايو ويو هو، جنهن کي موجوده وفاقي حڪومت 2018 ۾ ختم ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي به ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ جلد کان جلد ترقياتي منصوبو شروع ڪرايو وڃي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه سيوهڻ جي صدر امان الله شاهاڻي جي والد جي لاڏاڻي تي، رئيس لطف الله بروهي سان سندس زال، پريس ڪلب ڀان جي صدر ذوالفقار مينگل سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي، ٽائون ڪاميٽي ڀان جي اڳوڻي چيئرمين محمد صديق ميمڻ سان سندس ڀاءُ محمد علي ميمڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتون ڪيون ۽ مرحومين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي پي پي پي ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، محمد سليم باجاري، مخدوم ضمير حسين ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ وڏي وزير سان گڏ هيا ، مان عرض ڪيان ته هي اليڪشن تمام مختلف ثابت ٿيندي ، هن وقت سڄي سنڌ م  خاص برادريون جنهن طرح سان اتحاد جوڙي رهيون آهن ، جيڪي سياستدانن لاء مشڪلاتون به پيدا ڪري سگهي ٿو ،  جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڪا به دانڌلي نه ٿي ته پوء  مان سمجهان ٿو ته اهي فورم جيڪي عوام جي خدمت ڪن ٿا عوام جا مسئلا حل ڪن ٿا ، ووٽ به انهن کي ملندو جڏهن ته سياستدان اهو ڪردار ادا ناهين ڪري سگهيا ،  برحال وڏي وزير سيد مراد علي شاه  پنهنيج ڪارڪنن جيالن عام ماڻهن کي اهو پيغام ڏيئي ڇڏيو آهي ته اٿو تيار ٿيو اليڪشن جي تياري ڪيو ، مان عرض ڪيان ته سنڌ اندر برادريون ، اتحاد ، فورم هن وقت يڪجا آهن ، اهو به ٿي سگهي ٿو ته بلدياتي اليڪشن ۾ فورم برادريون به اتحاد جوڙي  اليڪش ورهي سگهن ٿيون ، سوال اهو به پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا سياسي ساک رکندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجو وقار حاصل ڪري سگهي ٿي ، برحال  مان هن بلدياتي اليڪشن کي وڏو دلچسپ انداز سان ڏسي رهيو آهيان جتي چيئرمين کي هڪ هڪ ووٽ گهرجي جنهن ۾ اڪثريت عام ووٽ سياستدانن جي خلاف وڌو ويندو ،  برحال سياست ، فورم ، اتحاد ، ڪو نئون رخ به استعمال ٿي سگهي ٿو. zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو