مڪاني چونڊن ۾ دير بابت ڪي پي حڪومت جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته پارٽي بنيادن تي چونڊون برادرين ۾ ٽڪراءُ جو سبب بڻجنديون آهن، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پارٽين کي سياسي عمل کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه عدالت کي ٻڌايو ته رڳو چونڊون نه پر حقيقي نمائندگي جي به ضرورت آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي پارٽين کي سياسي عمل کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته ڪا به سياسي پارٽي عدالت ۾ ناهي آئي. ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه عدالت کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي قانون ۾ ڪا به گنجائش ناهي. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته تاريخ تبديل ڪرڻ جي سخت خلاف آهيون. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو