ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن جي چار سالن جي مدت پوري ٿيڻ بعد چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو آفيس جو استعمال بند ڪن، ذاتي ڏيتي ليتي مڪمل ڪن ۽ سرڪاري گاڏيون واپس ڪيون وڃن.
سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جي صحيح سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي مڪاني ادارن جي مدت 30 آگسٽ تي پوري ٿي چڪي آهي ان ڪري ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز، ميوسپل ڪارپوريشنز، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز، ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن جا چونڊيل نمائندا ڪم ڪار بند ڪن.