مڪاني ادارن جو بل خاتمويا اتفاق ٿيڻ گهرجي !

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

سنڌ اسيبملي ۾ پ پ حڪومت مخالف ڌر کي اعتماد وٺڻ کان سواءِ پ پ پنهنجي اڪثريت ڄاڻائي مڪاني ادارن جونئون بل پاس ڪيوآهي،پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريتي پارٽي آهي،ٻين سياسي مذهبي قوم پرست پارٽين جي وجود جو به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ خالص پ پ جي حڪومت آهي،پ پ اتحادين کان مڪمل طورآزاد آهي،پ پ جي نئين بلدياتي پاس ڪرايل بل تي مخالف ڌر کي ڪيترن معاملن تي تحفظات خدشا آهن،هن وقت پ پ مخالفت ۾ اڪثرپ پ مخالف آل پارٽيزآهن،سرد موسم ۾ سياسي گرما گرمي به عروج تي پهتل آهي،   مڪاني ادارن جون بل پاس ٿيڻ تي پ پ مخالف ڌريون پاڪستان تحريڪ انصاف، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي پاڪستان ،سنڌ مسلم ليگ( ف)تحريڪ لبيڪ پاڪستان،سنڌ اسيمبلي جي پارليامينٽ کان آئوٽ سياسي ڌريون پاڪستان مسلم ليگ (ن) عوامي نيشنل پارٽي،قومي وطن پارٽي،پاڪ سرزمين پارٽي،ايم ڪيو ايم حقيقي، پاڪستان ڊيموڪريڪٽ پارٽي،جعميت علماءِ اسلام( ف) جميعت علماءِ پاڪستان (ن)پاڪستان عوامي تحريڪ،پاسبان سول سوسائيٽيز تنظيمون،تاجرنتظيمون، پ پ پاران سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل بل جي مخالفت ۾ سخت احتجاج ڪري رهيوآهن،پ پ مخالف ڌراحتجاج جو دائرو وسيع ٿي رهيوآهي، مختلف قسم جا احتجاج زور وٺي رهيا آهن،سنڌ پرستي ، قومپرستي، مهاجر،نسل پرستي،لسانيت جا نعرا لڳي رهيا آهن،جيڪي وڏي انتشار جو سبب بڻجي سگهن ٿا،پوري ڪراچي ۾ مختلف قسمن جي چاڪنگ، پمفليٽ، بينر، پينا فليڪس لڳائي عوام جو توجه ڇڪائي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي نئين بلدياتي نظام واري بل خلاف بيان بازي پريس ڪانفرنسون به ٿي رهيون آهن، معاملوبهتربجاءِ الجهائي ۾ ٿي رهيو آهي،پ پ مڪاني ادارن جي بل پاس ٿيڻ تي پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهي رهي آهي،هوڏانهن سنڌ جي گورنرعمران اسماعيل پ پ پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪرايل نئين مڪاني ادارن جي بل تي اعتراز خدشا ڄاڻائي بل کي رد ڪيو آهي، پ پ جي قيادت توڙي اڳواڻ مخالف ڌرين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن،پ پ مخالف ڌريون پ پ جي ڪابه ڪالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهن،پ پ جي بلدياتي صوبائي وزير سيد ناصرعلي شاهه ۽ٻين اڳواڻن جو ڪوششون هن وقت تائين ڪامياب ٿي نه سگهيون آهن،پ پ جي ايندڙ حڪمت عملي ڇا هوندي واضع صورتحال نه آهي، تڪراري بل ٿيڻ سان عوام حمايت ۽ مخالفت ۾ ورهايل آهي،جمهوريت جي روايتن ۾ بهترين طريقو گڏيل اتفاق عوامي اعتماد ضروري آهي،تڪرارڪنهن به قسم جا خدشا ختم ڪرڻ سان رضامندي ٿيڻ ڪري عوام جا شڪ به ختم ٿيندا آهن،جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ جو سڀ ڪنهن کي پورو حق حاصل آهي، قومي مفادن بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ به جمهوريت جي مظبوطي رهي ٿي،پ پ جي هٺ ڌرمي۽ آل پارٽيز جو گڏيل اتحاد وسيلي احتجاج جا اثرضرورٿي سگهن ٿا،موجوده حالات ۾ متحد ٿي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا،سياسي رستا ڌارهرڪنهن پارٽي يا تنظيم جو پنهنجو پنهنجو نظريوآهي،عوام جي اميدن تي لهڻ سان وڏي ڪاميابي ملندي آهي،ووٽ جي طاقت سان اقتدارملندوآهي،عوام ووٽ جي ذريعي شڪست به ڏيندوآهي،انتشار واري سياست کي هٿي ڏيڻ سان تڪرار جنم وٺنداآهن،عوامي مفادن خاطرعوام دوست ڪرداربه مشڪلاتن کي ختم ڪري سگهن ٿا،پرامن ڪراچي خوشحال پاڪستان جي پڻ ضمانت آهي،سنڌ جي دل روشنين واري شهر ڪراچي جي ترقي ان کي جديد ماڊل شهر بنائڻ سان سنڌ خوشحال پاڪستان جو مظبوط ٿيڻ به سياست ۾ وڏي ڪاميابي چئي سگهجي ٿو،ڪراچي جو حق ڪراچي کي ملڻ سان ترقي خوشحالي جا نوان دورشروع ٿيندا،ڪراچي کي سنوارڻ سنڌ جي خوبصورتي ۽پاڪستان جو شان آهي،ماضي ۾ ٿيل ڪراچي سان ڪلوراسان جي لاءِ وڏو تجربو آهي،سياست کي عملي روپ عوامي خدمت عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ سان عوام جي ترقي خوشحالي جو ثمرضرور ملي سگهندو، پ پ ۽ مخالف ڌرين جوڪراچي جي مفادن خاطرهڪ پيچ تي هجڻ بهتررهندو، پ پ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي،پ پ جي قيادت به مخالف ڌرين کي منهن ٽوڙجواب ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، روشنين ۽ سنڌ جي دل واري شهرڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي بل پاس ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي پاڪستان سڀ کان وڏو سياسي پاورشو ڪيو،جماعت اسلامي پاڪستان جي اميرسابق سينيٽر سراج الحق ڪراچي بچايو مارچ ۾ ڪارڪنن شهرين کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪومت مڪمل طور ناڪام وئي آهي، سنڌ ۾ 15ورهين جي لڳ ڀڳ ان جي حڪومت قائم آهي، سنڌ جوعوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي،پ پ حڪومت ۾ ڪرپشن جو عروج آهي،حڪومت جا اداراعوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن،سنڌ ۾ پ پ وڏيرا هي جو راڄ آهي،پ پ جو سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيل مڪاني ادارن جو بل بد نيتي تي ٻڌل آهي، نئين بلدياتي بل پاس ڪرڻ سان ميئروٽ ڪو به اختيار نه رهندو، سنڌ حڪومت سمورن ادارن تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي،سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ٽئيڪس ڏئي ٿو،ترقي ۽ عوام کي بنيادي سهولتون ڪراچي جو حق آهن، پ پ سنڌ ۾ ڪابه ترقي نه ڏني آهي،پ پ پران نئون آيل بلدياتي نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي،جماعت اسلامي بل خلاف سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرڻ جو فيصلو به ڪري ورتو آهي،پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه سيد مصطفيٰ ڪمال ڪورنگي ۾ وڏي احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پ پ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ نئون بلدياتي نظام وارو بل پاس ڪري پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي،پ پ قوم پرستي لسانيت جي سياست کي هٿي وٺرائي رهي آهي،پ پ اڪثريت جي زور تي سنڌ اسيمبلي مان نئون بلدياتي نظام وارو بل پاس ڪري ڪراچي جي حق تي ڌاڙوهنيوآهي،موجوده بل ڪارو قانون آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين پ پ حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو،متحده جي باني الطاف حسين جي سياست جو خاتموڪرڻ ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جو وڏو ڪردارآهي،پ پ ڊڪٽيٽرآمرن ظالمن جي پارٽي بڻجي وئي آهي، پ پ جا ڀوتار وڏيرا غريب عوام جو قتل ڪرائي رهيا آهن، تمام جلد سنڌ جي عوام کي پ پ کان نجات ڏياري ويندي،هوڏانهن ايم ڪيو ايم حقيقي جو سربراهه آفاق احمد به 26ڊسمبر تي نشترپارڪ ۾ عوامي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪارڪنن کي تيار رهڻ جو حڪم ۽ جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي مهم جوآغاز شرع ڪري ڏنو آهي،ايم ڪيو ايم پاڪستان به نئين بلدياتي بل خلاف پ پ حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪري رهي آهي،ايم ڪيو ايم عورتن جي شاخ تحت احتجاج رڪارڊڪرايو ويو،پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي جي قائد حزب اختلاف حليم عادل شيخ ۽ ميمبرن خرم شير زمان،جمال صديقي،سميت ٻين تحريڪ انصاف جي ميمبرن عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي،روشنين  ۽ مني پاڪستان سڏجندڙ شهر ڪراچي جي ترقي خوشحالي امن بحال رکڻ لاءِ بهترڪردار جي ضرورت آهي،مڪاني ادارن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ هيٺين سطح تي مڪمل اختيار ڏيڻ سان به عوام جا بنيادي مسئلا حل جي اميد رکي سگهجي ٿي،

پهنجو تبصرو موڪليو