مڙس گهٽا ڏئي زال ماري ڇڏي، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

شهدادڪوٽ (ن س) ڳوٺ ماڇي خان ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مسمات طيبه زال شمس چانڊيو کي مبينا طور ڦاهو ڏئي قتل ڪرڻ جا اطلاع آهن. اهڙي اطلاع تي سنجر ڀٽي ٿاڻي جي پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتولڻ جا وارث به پهچي ويا. پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن شمس چانڊيو ۽ دادلو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي مڙس ۽ ڏير رسن سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو