مڙس ڪهاڙيون هڻي زال قتل ڪري فرار ٿي ويو

ڪنڌ ڪوٽ(ڊ  ر)گهرو اڻبڻت تان وحشي مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي گهرواري کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلا ۾ گهرو اڻبڻت تان وحشي مڙس حبيب الله ڀيري ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي گهرواري مسمات ارباب خاتون کي بيدردي سان قتل ڪري، جوابدار فرار ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي مقتولا جي لاش کي تحويل ۾ وٺي لاش کي سول اسپتال آندو جتي مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو  ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو