مڙس زال کي ڌڪو ڏئي واهه ۾ اڇلايو، ماڻهن بچائي ورتو

درياخان مري) ارباب علي مري) سداواھ نصرت ڪئنال ۾ مڙس شھزاد جھپو پنھنجي گھرواري 20 ساله ثمينه جھپو کي نصرت ڪئنال ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو. موقعي تي موجود ڪار ڊرائيور گل راڄپر ۽ ٻين ناري کي بچائي ورتو. پوليس ناري کي ڌڪو ڏيندڙ ڀنگو بھڻ لڳ چڀريڙو جي رھواسي شھزاد جھپو کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته پوليس ناري کي پڻ پنھنجي تحويل ۾ رکيوآھي. هن جوڙي جي هفتو اڳ شادي ٿي ھئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان شادي مان خوش نه هو ۽ کيس سير بهاني وٺي اچي واهه ۾ ڌڪو ڏنو. ثمينه ٻاهر اچڻ بعد ڏاڙهي تي هث هڻي چيو ته هوءَ شهزاد کان بدلو وٺندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو