مڙس جي تشدد ۽ حق مهر ۾ مليل زمين ڏيڻ لاءِ احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ نبي بخش پتافي جي رهواسڻ ستاره پتافي پنهنجي معصوم نياڻي سميت مڙس جي زيادتين ۽ تشدد خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 2 سال اڳ منهنجي شادي عرفان علي پتافي سان ٿي  جنهن مونکي حق مهر ۾ ٽي ايڪڙ زرعي زمين ڏني هئي جيڪا زمين هاڻي هو وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مون تي هر وقت بي رحماڻو تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ ٻئي شادي ڪرڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون جنهن سبب مڙس جي روز جي تشدد سبب مائٽن جي گهر رهان ٿي مڙس جي موتمار ڌمڪين سبب جان جو خطرو آهي ستاره پتافي  روئيندي ڊي آئي جي حيدرآباد،ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان،ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايڇ او ٽنڊوغلام حيدر کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي منهنجي مڙس عرفان علي پتافي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجي حق مهر ۾ زرعي زمين جو حصو ڏيئي مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو