مڙس جو ظلم، عورت تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ٿرپارڪر جي تعلقي اسلام ڪوٽ جي  ڳوٺ ٻٺڙيو  جي رھواسڻ مسمات سومل درس ميرپورخاص فيملي ڪورٽ ۾ اڳوڻي مڙس جي زيادتين ۽ ظلم کان تنگ تي خلع جو ڪيس داخل ڪرايو آھي. مسمات سومل درس ٻڌايو ته ھن جو اڳوڻو مڙس  سانوڻ درس شادي کانپوءِ کائنس غير مردن سان ملڻ تي مجبور ڪندو هو. مختلف شهرن ۾ وٺي وڃي غلط ڪم تي مجبور ڪندو هو ۽ انڪار ڪرڻ تي تشدد ڪندو ھو. ھن چيو ته ھو تنگ ٿي عدالت ۾ انصاف لاءِ پهتي آهي. ھن چيو ته سندس عزيز جعفر ۽ ٻيا مدد ڪن پيا جن خلاف منهنجي اڳوڻي مڙس مٺي ٿاڻي تي ڪوڙي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي. ھن چيو ته منھنجو اڳوڻو مڙس، سهرو ۽ سندس مائٽ  منھنجي والد   اشرف درس  ڀاءُ اڪبر درس ۽ منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن عدالت کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو