مڙس بدپيشي لاءِ مجبور ٿو ڪري، انصاف ڏيو

پڊعيدن) مجاهد شر( گوٺ عبدالغفورشرجي رهائشي 19 ورهين جي ڪلثوم شر پنهنجي والدين سان گڏ  مڙس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پڊعيدن پهچي پنهنجي مڙس عبدالرشيد شرخلاف دانهيندي چيو ته منهنجي شادي کي 2 سال ٿي ويا آهن ۽ مڙس روزانو ماريندو آهي. هو بد پيشي لاءِ مجبور ڪري چوندو آهي ته مون کي ڪمائي کاراءِ.  زباني طلاق به ڏني اٿس پوء به اسان کي موتمار ڌمڪيو ڏئي مارڻ چاهي ٿو. هن ايس ايڇ او پيروسڻ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مڙس جي زيادتين خلاف نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾  پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏيندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو