مڇي فارم تان 2 چوڪيدار اغوا، جلد بازيابي جي خاطري

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) شير ميراڻي جي مڇي جي فارم تان 2  چوڪيدار 27 ورھين جو غلام عباس ميراڻي ۽ 22 ورھين جو حامد ميراڻي اغوا ٿي ويا آهن. ٻئي چوڪيدار ڳوٺ دڙي سندراڻي جا رھواسي آهن ۽ پاڻ ۾ چاچو ڀائٽيو آهن. غوثپور ڀرسان مڇي جي فارم تي رات جو چوڪيداري ڪري رھيا ھئا ته ھٿيار بند ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪري ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا. جڏهن وارث صبح جو مڇي فارم تي پھتا ته سندن مغوين جا چپل ۽ڪجهه ڪپڙا مليا، پيرو کڻڻ تي مغوين ۽ ھٿيار بندن جا پڻ پيرا به موجود مليا اھڙو اطلاع وارثن پوليس کي ڏنو حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کنيا جيڪي ڪچي واري علائقي ڏانهن ويا آهن. پوليس ۽ وارثن پاران ٻنهي ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايس ايڇ او غوثپور اعجازاحمد کوسو  روزاني سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڏانهن پويان ويل آهي.جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو. وارثن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پٺاڻ ڊمپر ڊرائيورن کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرايو ويو پر سنڌي ماڻهن جي ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو