مڇر ڪالوني روڊ تي قبضا شهري عذاب ڀوڳڻ لڳا

ملير (ن سنڌيار)الا آصف اسڪوائر چوڪ کان مڇر ڪالوني واري علائقن ڏانهن ويندڙ روڊ تي قبضا مافيا قبضو ڪري ورتو آهي ، روڊ جي ٻنهي پاسن تي ورڪشاپ کولي ڇڏيا آهن ، جڏهن ته علائقي جا رهواسي ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪري رهيا آهن. ھن صورتحال ۾ رهواسي وڏي مصيبت ۾ آھن, انھن عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ انھن کي ھن عذاب کان بچائي سگھي. ڪو به انھن معصوم ماڻھن جي واهر ڪرڻ  وارو ناھي. هوڏانهن حاجي دولت خان ,شمو ,حبيب جان, ناصر خان ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير ، آءِ جي سنڌ، ، ڊي جي رينجرز,انڪروجمنٽ جي بالا آفيسرن ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته انھن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري قبضا ختم ڪرائي علائقي واسين جي پريشاني دور ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو