مٽلا شاخ تي ڳوٺ جي پل ڊھي پئي، ڳوٺاڻا آزار ۾ اچي ويا

ٻيلو شھر(رپورٽ:ن سنڌيار) ڳوٺ رحيم ڏنو ٿهيم وٽ مٽلا شاخ تي ٺھيل پل ڊھي پئي ڳوٺاڻن جو اچڻ وڃڻ جو رستو بند ٿي ويو مٽلا شاخ ۾ پاڻي تار هئڻ ڪري  ڳوٺاڻا روز مرھ جي ڪم ڪارين  بيمارين جي سلسلي ۾ اچڻ وڃڻ لا۽ سخت پريشان ٿي ويا آھن  جڏهن ته مين روڊ کان ڳوٺ طرف ويندڙ ھڪ ڪلوميٽر روڊ به نه ٺھي سگهيو ڳوٺاڻن رحيم ٿهيم  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته  پل پراڻي هئي جيڪا ڊهي پئي. گهڻي ئي ڌار گهوڙا ڪئي آهي پر ڪو ٻڌي ئي نٿو. اسانجي وس وارن کي اپيل آهي ته پل ٺهرائي ڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو