مٺي پاڻي ۽ گيس جي سهولت نه هجڻ تي شهري سراپا احتجاج

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) شھر ۾ مٺي پاڻي ۽ گئس جي سھولت  نه ھجڻ خلاف شھرين ۽ سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد پاران 9 ڏينهن به احتجاج  جاري رکيو ويو پر ان باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو نه پهتو. ان موقعي تي سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ممتاز وڳڻ،  يونس وڳڻ، فقير قربان علي، ڪامريڊ غلام حسين مغيري ۽ ٻين پاران چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعربازي ڪندي چيو ته ڏيو ڏيو وڳڻ شھر کي گيس ڏيو. حق آ اسان جو گئس ڏيو ۽ شهري پريشاني جو شڪار آھن پيئڻ جي مٺي پاڻي جي به سهولت ڪونهي. هنن وڌيڪ چيو ته خميس جي ڏينهن وڳڻ شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو