مٺي اسپتال ۾ غذائي قلت ۽ دوائن جي کوٽ، 6 ٻارڙا فوت

مٺي (لياقت نھڙيو) ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي موت جو سلسلو جاري وڌيڪ 6 ٻار فوت 78 ٻارهن وقت مٺي اسپتال ۾ داخل آهن. سول اسپتال مٺي ۾ مختلف بيمارين سبب زير علاج 6 ٻار اڱاري تي غذائي کوٽ ۽ دوائن جي عدم دستيابي سبب فوت ٿي ويا، جنهن بعد ھلندڙ  مھيني ۾ فوتي ٻارن جو انگ 72 ٿي ويو ، جڏهن ته هلندڙ سال ۾ فوتي ٻارن جو انگ وڌي 487 ٿي ويوآهي. فوت ٿيندڙ ٻارن ۾  16 مھينن جي اديباَ 3 مھينن جي رابعه، 4 مھينن جي چاندني، 2 مھينن جي درشنا، يوسف ڏاھري ۽ قذافي جا تازا ڄاول ٻار شامل آھن . سول اسپتال مٺي ۾ دوائن جي کوٽ آهي، بيمارين جي ٽيسٽ ڪندڙ ليبارٽري ۾ ڪيميڪل موجود ناهي ۽ مفت ايمبولنس سروس پڻ بند آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو