ميڊيا تي ويهي جيڪو ڪجهه ڳالهايو، عزت الله جي هٿ ۾ آهي؛ عمران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عزت ۽ ذلت ڏيندڙ الله جي ذات آهي ميڊيا تي اچي عمران خان خلاف جيڪا مرضي ڳالهايو عزت ڏيڻ وارو الله آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر اسٽارٽ اپس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ جيڪي وڏا ڪم ٿيندا آهن اهي آئيڊياز جي بنياد تي ٿيندا آهن سٺي کان سٺي آئيڊياز وارا ماڻهو ان ڪري ڪامياب ناهن ٿيندا ڇاڪاڻ ته هو رستي ۾ ئي هارائي ويهي رهندا آهن ماڻهن کان خوفزده ٿي ناڪامي کان ڊڄندا آهن. هن چيو ته ڪامياب انسان اهو آهي جيڪو آئيڊياز پويان ٻيڙيون ساڙيندو آهي ۽ واپس نه موٽڻ جو فيصلو ڪندوآهي ۽ بار بار هارائڻ جي توهان غلطين مان سکندئو ۽ ڪاميابي جي ويجهو پهچي ويندئو. هن چيو ته هي اسٽارٽ اپس کڻي ايندڙ اهي ماڻهو آهن جنهن کي پنهنجي آئيڊياز پويان وڃڻ جو حوصلو آهي ۽ معاشرو جيڪو اهڙن ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪندو آهي ته هو اڳتي وڌندو آهي. زوال پذير معاشرو ڪڏهن به اهڙن ماڻهن جي حوصلا افزائي ناهي ڪندو. هن چيو ته الله انسان کي جيڪا طاقت ڏني آهي هو پوري زندگي ۾ ان طاقت جو 4 فيصد به استعمال نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هو ڊڄي ٿو تجربن ۽ ناڪامين کان خوفزدهه آهي اهو ئي خوف انسان کي ان جي اصل طاقت جي استعمال کان روڪيندو آهي. وزيراعظم چيو ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي عزت ۽ ذلت ڏيڻ واري به ان جي ذات آهي پر شام جو ميڊيا تي اچي عمران خان بابت جيڪا مرضي ڳالهايو عزت الله ڏيڻ وارو آهي. هن چيو ته نئين شيءِ، نوان رستا ۽ نئين سوچ آزاد ذهن رکندڙ وارا رکندا آهن غلام ذهن ته پوئتي پوئتي هلندو آهي آزاد انسان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي ۽ وڏا ڪم ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو