ميونسپل ۽ تعليم کاتن جي ملازمن جو پگهارن ۽ ٽائم اسڪيل بابت احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڏ جي مختلف شهرن ۾ ميونسپل ملازمن عيد تي پگهارون ۽ رهتون ادا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آحي ته کين ادائگي يقيني بڻائي وڃي جيئن هو مهانگائي واري ماحول ۾ پنهنجي پيارن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن.  

نوابشاهه مان راج ڪمار اوڏ موجب پريس ڪلب ٻاهران ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جي ملازمن رائو نثارحضور بخش خاصخيلي، قادر بخش ڪليري، محمد الدين ڀٽي، خادم حسين سهتو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان  کي پگهارون نه مليون آهن. هنن ٻڌايو ته پگهارن جي چيڪن تي چيئرمين صاحب دستخط به ڪيا آهن انهي جي باوجود اسان غريبن کي اڃا تائين پگهار نه ملي آهي. محرابپور مان محمد اسلم نانگور موجب ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن عيد پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف  احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي اڳواڻ ڪشن الهورايو ملاح، رياض شيخ، چيو ته ملازمن کي عيد جي پگهار ته نه ملي پر ماهوار پگهار به عيد کان اڳ جاري نه ڪري ملازمن سان ظلم جي انتهائي ڪئي وئي آهي. پگهارون ٽريزري ذريعي نه ٿيڻ ڪري پگهارن مان ڪٽوتيون ڪيون وڃن ٿيون. نوشهروفيروز مشتاق حسين مري ٻڌايو ته عيد پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي فيڊريشن اڳواڻن ڪشن راجا، مولا بخش شيخ، عظيم شاهه، مسمات زرينه بلقيس ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن پگهار جاري نه ٿي ته پوءِ ملازم ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. ياد رهي ته بلديات کاتي پاران ٽائون ڪميٽين کي جاري ڪيل بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ سبب ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن. ٻئي پاسي مورو مان اياز سولنگي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف کي ٽائيم اسڪيل ڏين بابت سمري تعليم کاتي جي صوبائي وزير طرفان رد ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي محمد عيسي ڪورائي، سچل جتوئي، غلام الرسول راهو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي چوڪيدارن، پٽيوالن، ليب اٽينڊنٽ ۽ مالين جي ٽائيم اسڪيل جي سمري رد ڪرڻ ننڍن ملازمن سان سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آھي. سنڌ جي تمام سرڪاري کاتن جي وڏن ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنا ويا آھن پر تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي هن مهل تائين ٽائيم اسڪيل نه ڏنو ويو آھي. ننڍن پورهيت ملازمن جو حق ماري سندن ئي کاتي جو صوبائي وزير ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو اهو عمل برداشت نه ڪنداسين هنن اعلان ڪيو ته عيد جي ٻئي ڏينهن سڄي سنڌ جا لوئر اسٽاف ملازم نوابشاھ ۾ زرداري هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندا ۽ جيڪڏهن انهي مظاهري ۽ ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ رياستي تشدد ڪرايو ويو ته سخت مزاحمت ڪنداسين جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير تي هوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو