ميونسپل ملازم جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

نوشھروفيروز(ڊ ر) نيشنل هائي وي باء پاس مورو وٽ ميونسپل ڪاميٽي مورو جو ملازم امير بخش عرف شمس الدين سولنگي جو نم جي وڻ ۾ بجلي جي تار سان ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، ماڻهن لاش ڏسي اهڙو اطلاع وارثن  کي ڏنو جيڪي واقعي واري هنڌ پهچي زارو قطار روئڻ لڳا. مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش تعلقه اسپتال مورو آندو. ٻئي طرف فوتي جي ڀاء روشن علي سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاء ٻن ڏينهن کان لا پتا هو جنهن جي رپورٽ پڻ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي جنهن کي اسان ڪافي هنڌ ڳوليو پر نه لڌو جنهن جو اڄ اسان کي وڻ ۾  ٽنگيل لاش هٿ آيو آھي. هن خودڪشي ناهي ڪئي منهنجي ڀاء کي قتل ڪيو ويو آھي.  ٻئي  طرف مورو پوليس هن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي پوليس جو چوڻ آھي ته پوسٽ مارٽم ٿيڻ کان پوء خبر پوندي ته اصل حقيقت ڇا آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو