ميونسپل ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال ۽ سي ايم او خلاف ڌرڻو

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) سنڌ سينگار ميونسپل ورڪرس يونين جي سڏ تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري يونين اڳواڻن ڪارڪنن ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي سي ايم او مشتاق احمد جماڻي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي سي ايم او هٽايو ،خيرپور بچايو جي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور کي تباهي ڪناري پهچائڻ جا ذميوار انتظامي آفيسر آهن، هنن چيو ته سي ايم او  مزدور دشمن ۽ ڪرپٽ آفيسر آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور ۾ فنڊن جي کوٽ سبب ريٽائرڊ ملازمن جون رهتون نه پيون ڏنيون وڃن، جنهن لاءِ ادي  نفيسه شاهه جي ڪاوشن سان 3 ڪروڙ اضافي بجيٽ ملي جيڪا به ڪرپشن جي نظر ٿي وئي. جنهن ڪري ميونسپل ڪاميٽي جا ريٽائرڊ ملازم سخت پريشان ۽ فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن،هنن ٻڌايو ته ميونسپل ملازم جا مسئلا پينشن ۽ رهتون گريجوئيٽي، ڊفرنس، وقت سر پگهارون ڏيڻ،ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ،ورديون ڏيڻ،ڪرونا سميت اسپيشل فنڊ ڏيڻ سيمت ٻيا مسئلا ڪيتري ئي عرصي کان حل نه ٿا ڪيا وڃن. يونين اڳواڻن وزير اعليٰ سنڌ، بلدياتي صوبائي وزير ،چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ۽ ملازم دشمن سي ايم او کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت يونين پاران ڪم ڇڏهڙتال جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو