ميونسپل عملي جو پگهارن لاءِ احتجاج، ڪم کان جواب، شهر ۾ گندگي جا ڍير

سکر (رپورٽ امداد ڪلوڙ)  سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف گاڏيون بيهاري پريس ڪلب ڪيمپ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي  ملازمن  جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهار جاري ناهن ٿيون، جنهن سبب احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي. ميونسپل  آفيسر رڳو آسرا ڏ ئي رهيا آهن، اسان کي  بنيادي حق ڏنا وڃن. احتجاج ۾ شامل  ملازمن لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته مسئلو حل ڪري  انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ملازمن جي عدم دلچسپي سبب ۽ بي ڌيانيءَ سبب سکر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل، رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ باوجود صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر نٿي سگهي، شهرين طرفان صاف سٿري ماحول لاءِ قدم کڻڻ جي گهر.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو