ميونسپل دوڪانن جي نئين سر نيلامي خلاف احتجاج جاري

سکر (بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشن پاران ميونسپل کاتي جا دڪان، مارڪيٽون ۽ ٻيون ملڪيتون نئين سر نيلام ڪرڻ واري فيصلي خلاف سکر وڪٽوريه مارڪيٽ ايسوسيئيشن گھنٽا گھر دڪاندارن يونين ڪلاڪ ٽاور مارڪيٽ، مهراڻ مرڪز يونين، مينارا مارڪيٽ يونين، بلديه ڪمپليڪس سميت مختلف واپاري تنظيمن پاران ٻئي ڏينهن به وڪٽوريه مارڪيٽ ۾ شٽر بند هڙتال ڪري حاجي شمس الرحمان جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. مظاهرين کي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران ميونسپل کاتي جون مارڪيٽون، پلازا، دڪان ۽ اسٽال ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ نئين سر نيلامي ڪرڻ لاءِ اخبارن ذريعي نوٽيس شايع ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته اسين ميونسپل کاتي کي هر مهيني باقاعدا ڪرايو ڏيندا آهيون. دڪاندارن خلاف هڪ سازش تحت ٻيهر نيلامي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيلامي ٿيڻ سان اصل دڪاندارن کي دڪانون نه ملنديون. عدالت کي غلط بياني ڪري 19 نومبر 2020 تي عدالت کان حڪم ورتو ويو ته ميونسپل ڪارپوريشن نيلامي ڪري سگھي ٿي. ٻيهر نيلامي ٿيڻ سان دڪاندارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي ويندو. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون سبب اڳ ئي ڪاروبار تباهه ٿي چڪا آهن. واپارين تي ٻيهر نيلامي ڪرڻ سان بيروزگاري پيدا ٿي ويندي. هنن مطالبو ڪيو ته قانون موجب دڪانن مارڪيٽن جا ڪرايا وڌائي ساڳين ئي دڪاندارن کي جڳهون الاٽ ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو