ميونسپل جي نااهلي 3 هفتن ۾ به اسڪول مان پاڻي نه نڪتو

ماتلي (عبدالرزاق پنهور) ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب گذريل ٻن هفتن کان هاءِ اسڪول ون جي گرائونڊ مان پاڻي نه نڪري سگهيو آھي، گرائونڊ ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي هجڻ ڪري شاگردن ۽ استاد پريشان آھن. اسڪول م اچڻ جو رستو ئي ٻڏل آهي. ٽي اي او هائر سيڪنڊري ايجوڪيشن مولابخش خاصخيلي , ٽي اي او پرائمري جاويد چانڊيو , استادن ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي سبب اسيمبلي نه ٿئي ٿي ۽ نه وري ٻار راند کيڏي سگهن ٿا برساتي پاڻي سبب آفيس جي ڪم ڪار لاء ماستر ۽ ماسترياڻيون پاڻي مان گذري آفيس اچن ٿيو جنهن سان سندن ڪپڙا به خراب ٿيو وڃن گرائونڊ سامهون مسجد آھي جنهن جو به رستو بند آھي نماز لاء پريشاني ٿئي ٿي هنن چيو ته اسان  ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين کي آگاهي ڏني پر ٽي هفتا گذري ويا آھن اڃان تائين پاڻي نه ڪڍرايو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو