ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ سردار ۽ برهان چانڊيو جوابدار نامزد

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ماڊل ڪورٽ ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان چانديو کي جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نديم بدر قاضي جي ماڊل ڪورٽ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت ٻنهي ايم پي ايز سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، عدالتي فيصلي بعد ام رباب چانڊيو عدالت جي احاطي تي سجدو پڻ ادا ڪيو ۽ دعا گهري ته اڄ ام رباب جي جيت نه پر شعور جي جيت ٿي آهي، عدالت مان انصاف جون اميدون آهن اميد آهي ته اڳتي به جيڪي فيصلا ايندا اهي مظلومن جي حقن لاءِ ايندا سردار خان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جو فيصلو اهو آهي ته اسان جو ڪيس ٻڌو وڃي اسان ته حاضر آهيون اسان ته پهرين ڏينهن کان عدالتن تي اعتماد رکيو آهي ڪيس هلندو ته اسان پنهنجي ڪيس جي ڊفينس ڪنداسين اهو فيصلو ناهي آيو جنهن ۾ اهو چيو ويو هجي ته اسان ڏوهي آهيون يا ناهيون صرف اهو چيو ويو آهي ته اسان کي هن ڪيس ۾ ٻڌو ويندو شاهد گواهه اڃا نه هليا آهن اهي اڃان هلندا جيڪو فيصلو ايندو آهي اهو آخري فيصلو نه هوندو آهي اڃا مٿي ڪورٽون موجود آهن جڏهن ته  عدالت اندر توڙي ٻاهر سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا عدالت جو مين گيٽ بند ڪيو ويو هو صرف عدالت ۾ پيشي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي اندر ڇڏيو پئي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو