ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جوابدارن جي مطالبي تي وري ملتوي

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو جي فرسٽ ايديشنل سيشن ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ميهڙ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جنهن ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين سندس والد مختيار چانڊيو،ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچو قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي حاضري ٿي. جنهن ۾ فريادي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس جي پوئواري ڪندڙ ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پهتا جڏهن ته جوابدار ڌر جا نواب سردار خان چانڊيوِ، نواب برهاب خان چانڊيوِ،سڪندر چانڊيو،عبدالستار چانڊيو،علي گوهر چانڊيو،ذوالفقار علي چانڊيو،علي مرتضيٰ چانڊيو پنهنجن وڪيلن سميت عدالت ۾ پهتا عدالت جي جج نديم بدر قاضي ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر 2021 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ۾ ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي عدالتن تي اعتماد آهي اسان سان هن ڪيس ۾ انصاف ٿيندو اڄ به ڪيس ۾ مخالف ڌر جي وڪيلن جي گذارش تي عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي ۽ حاضري ڏني وئي آهي.هوڏانهن ڊاڪٽر سيد نوشين شاھ ڪاظمي جي تڏي تي عذر خواهي جو سلسلو جاري آهي اڄ ام رباب چانڊيو ڊاڪٽر سيد نوشين شاھ ڪاظمي جي والد سيد هدايت حسين شاھ ۽ سيد فدا حسين شاھ سان تڏي تي پهچي عذر خواهي ڪئي. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو حويلي ۾ وڃي شاگردياڻي مرحومه سيد نوشين ڪاظمي جي والده سان پڻ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ام رباب چانڊيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت خالي نوٽيس وٺي والدين کي ان ڪيس ۾ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان ڊاڪٽر سيد نوشين شاھ ڪاظمي جي خون سان انصاف ٿيندو ڇا ، هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ کان پرزور مطالبو ٿي ڪريان ته تعليمي ادارن ۾ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جهڙا سانحه ٿين اهو عدليه لاءَ سواليه نشان آھي اسان هن ڏک جي گھڙي ۾ سيد خاندان سان گڏ آھيون فوري طور تي جڊيشل انڪوائري ڪرائي ڊاڪٽر نوشين جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هي خودڪشي نه آهي مان هن کي قتل سمجهان ٿي ۽ جاچ جو مطالبو ڪيان ٿي سنڌ جو شعور هنن واقعن تي سخت احتجاج ڪري مان هن واقعن کي نياڻين جي تعليم خلاف گهري سازش سمجهان ٿي.سنڌ ۾ ناظم جوکيو جي قتل واقعي کان پوءِ سيد ڊاڪٽر نوشين شاهه ڪاظمي جو قتل سامهون آيو آهي.تعزيت وقت ام رباب چانڊيو سان گڏ سندس چاچو پرويز چانڊيو ۽ ڪامريڊ نياز حسين پنهور پڻ تڏي تي موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو