ميهڙ مرڊر ڪيس، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري

دادو/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) ‘ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس’ ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو 10ڏهين ڏينهن به آپريشن جاري، شاهه گودڙيو پوليس گڙتل واري علائقي ۾ سردار خان چانڊيو جي حامي سهراب چانڊيو کي گرفتار ڪري کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ميهڙ تعلقي جي جابلو پٽي ۾ آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ شڪي گرفتار ڪيا ويا آهن. جِن کان پُڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، دادو پوليس ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار ۽ مرتضيٰ چانڊيو جي گرفتاري لاءِ اشتهار به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اُم رباب چانڊيو جو ڏاڏو، والد ۽ چاچو قتل ڪيا ويا هئا، الزام سردار خان چانڊيو ۽ سندس ساٿين تي آهي، سپريم ڪورٽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. اُم رباب چوندي رهي آهي ته سرداري نظام کي نه مڃڻ جي ڏوهه ۾ سندس وڏڙن کي قتل ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو