عدالت پاران ڌاڙي ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي پنج پنج سال ٽيپ

نوشهروفيروز(ڊ ر) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت ڌاڙي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پنجن جوابدارن کي پنج پنج سال قيد ۽ سترنهن سترنهن ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته 9 سال اڳ ابڙان ٿاڻي تي فريادڻ مسمات پري خاصخيلي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو ته جوابدار سڪندر علي خاصخيلي، ممتاز خاصخيلي، طالب خاصخيلي، امتياز خاصخيلي ۽ ٻڍل خاصخيلي سندس گهر ۾ ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي سونا زيور ۽ روڪ 30 ھزار روپين جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا. اڄ ٻڌڻي دوران فريادڻ جي وڪيل ارباب علي چانڊيو پنهنجا دليل ڏنا عدالت اھڙو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پنجن ئي جوابدارن کي پنج پنج سال قيد ۽ سترنهن سترنهن ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي. ساڳئي جج هڪ ٻئي ڪيس ۾ درخواست گذارغلام حيدر مهر ايڊووڪيٽ امداد حيدر سولنگي جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته گذريل رات جوابدار مظهر علي لغاري ۽ ٽي نامعلوم ماڻهو هٿيارن سميت منهنجي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي ٻه عدد مينهون ڪاهڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي 5 آگسٽ تي ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل ۽ ايس ايڇ او مورو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو