مينار پاڪستان عورت تذليل ڪيس ۾ 20 شڪي گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) مينار پاڪستان تي سوين ماڻهن پاران هڪ ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پنجاب حڪومت موجب آءِ جي پنجاب گرفتارين جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني آهي. ياد رهي ته 14 آگسٽ ، پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن تي لاهور ۾ پيش آيل ان واقعي جي وائرل ويڊيو ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن ٽن کان چار سئو ماڻهن جو هڪ ميڙ هڪ ڇوڪريءَ تي حملو ڪيو ۽ کيس هراسان ڪيو. ان ڇڪري جا ڪجهه ٻيا ويڊيو به وائرل آهن جن ۾ هوءَ اعتراض جوڳي حالت ۾ سيلفيون ڪڍائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو