ميسي بارسلونا کي آلين اکين سان الوداع ڪري ڇڏيو

بارسلونا(ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جو اسٽار فٽبالر 34 سالن جو ليونل ميسي الوداعي تقريب ۾ بارسلونا فٽبال ڪلب کي الوداع چوندي روئي ڏنو. آچر ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن ميسي کي اٿي بيهي تاڙيون وڄائي داد ڏنو. هو 21 سالن تائين بارسلونا سان کيڏيو آهي. شريڪ ماڻهو ڪيترن ئي منٽن تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا. پريس ڪانفرنس ۾ هن اشارو ڏنو ته هو مستقبل ۾ قطر جي ملڪيت فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمين پي ايس جي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. پي ايس جي ميسي کي 25 ملين پائونڊ ساليانو جي آڇ ڪئي آهي، جلد قطعي ٺاهه ٿيڻ جو امڪان آهي. بارسلونا هڪ ارب يورو جي قرضي ٿي وئي آهي، ميسي اڌ فيس به گهٽ ڪرڻ تي راضي هو پر ڪلب قانون موجب هو وڌيڪ ان ڪلب جو حصو نٿو رهي سگهي. ميسي بارسلونا لاءِ 682 گول ڪيا ۽ 35 ٽرافيون کٽيون جيڪي نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون.

Photo courtesy Dawn

پهنجو تبصرو موڪليو