مير واهه مان ٻار جو لاش هٿ، نندو ۾ ڇوڪري ءَ جي خودڪشي

ڪراچي (نمائندن وٽان) ميرواهه ڪينال ۾ نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته ٽنڊو باگو ۾ نوجوان ڇوڪري گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. خيرپور مان سجاد ڪُٻر موجب ميرواھ ۾ سونواھ ريگيوليٽر وٽان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي. نامعلوم ٻار جو لاش لڙھندي ڏسي ڳوٺاڻن ٺري ميرواھ پوليس کي اطلاع ڏنو جن لاش ڪڍرائي ورتو جنهن بعد ضروري ڪاروائي ڪري ٺري ميرواه شھر جي قبرستان ۾ دفنائي ويو. هوڏانهن ٽنڊوباگو  مان ڄام سھيل سمون موجب نندو ڀرسان ڳوٺ سونو خان سيال جي رهواسڻ 18 سالن جي زاهده ملاح گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. نندو پوليس لاش رورل هيلٿ سينٽر مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو