مير محمد شاهه آءِ بي اي جو نئون وائيس چانسلر مقرر

سکر(جيرام داس )آءِ بي اي جي وقتي وائيس چانسلر طور پروفيسرسيد مير محمد شاھ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  پروفيسر نثار احمد صديقي  جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي پيل جاءِ تي ڊاڪٽر مير محمد شاھ کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو آھي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.  ڊاڪٽر مير محمد شاھ 25 سالن کان سکر آءِ بي اي سان لاڳاپيل آھي. هو فيڪلٽي آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين هو. هن وقت هو سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ائڪريڊيشن جي ڊائريڪٽر ۽ پرووسٽ هاسٽلز طور مقرر هو. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرس  سندس خدمتن ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي کيس وائيس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏيندي سفارش پڻ ڪئي هئي.  ڊاڪٽر مير محمد شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان  ايم بي اي . زيبسٽ ڪراچي مان ايم ايس ۽ يونيورسٽي آف اتارا ملائشيا مان مينجمينٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو