مير اعجاز ٽالپر جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي) سابق صوبائي وزير ۽ ناليوارو سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر  88 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.  وفات جي خبر  ٻڌڻ سان ئي  سوڳ ۾ شهر جا اڪثر ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا  مرحوم مير اعجاز علي خان ٽالپر    سموري زندگي سياست ۾ متحرڪ رهيو سنڌ جي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر 10 فيبروري 1933ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير غلام علي خان ٽالپر هو ذوالفقار ڀٽو جڏهن پاڪستان جو آئين ٺاهيو ته ان آئين تي مير اعجاز علي خان ٽالپر جي پڻ صحيح ٿيل آهي  1956ع ۾ عملي سياست جي دنيا ۾ پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ان بعد ۾ سنڌ اسيبملي جو ڪيترائي ڀيرا ميمبر چونڊيو ويو ۽ مختلف وزارتن جي عهدن تي پڻ رهيو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيل پڻ ڪاٽيو سياست جي لاهن چاڙهن جي هر رمز کان واقف هو مير اعجاز علي خان ٽالپر جي نماز جنازه مير غلام الله پارڪ   ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري ، پ پ جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو ، پ پ سابق صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، پير اشفاق جان سرهندي ، ڊي سي ياسر ڀٽي ، ايس ايس پي عابد بلوچ سميت مختلف سياسي و سماجي شخصيتن سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم مير اعجاز علي خان ٽالپر کي هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ٽنڊومحمدخان جي ميرن جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو