ميرپور ۽ خانڳڙهه جا مختيارڪار پراسرار نموني لاپتا

ميرپور ماٿيلو/ پنون عاقل (ظهير وسير ۽ سنتوش ڪمار) مختيارڪار خانڳڙهه ۽ مختيارڪار ميرپور ماٿيلو پراسرار طور لاپته ٿي ويا آهن. ٻنهي آفيسن جي ملازمن آفيسن کي تالا هڻي ڊي سي آفس آڏو احتجاج ڪيو. ڊي سي گهوٽڪي چيو ته جاچ ڪريون پيا معاملو ڇا آهي. مختيارڪار خانڳڙهه غلام ياسين شيخ ۽ مختيارڪار ميرپور ماٿيلو غلام حيدر ڪلهوڙو جا مائٽ به پريشان آهن. اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب هو نيب کي گهربل هئا. 24 جون کان گم ٿيل ٻنهي مختيارڪارن کي ڊي سي گهوٽڪي  ليٽر جاري ڪري غير حاضري بابت وضاحت پڻ طلب ڪئي هئي. بعد ۾ خبر پئي ته ٻئي مختيارڪار پراسرار طور گم آهن.

پراسرار طور لاپتا مختيارڪارن جي بازيابي لاءِ ڊي سي آفس ۾ روينيو ملازمن جو احتجاج

هوڏانهن مختيارڪار ياسين شيخ نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ پنوعاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي المنان بلوچ هوٽل ڀرسان ڪار ڇڏي انبن جي باغ ۾ فرار ٿي ويو، هوٽل تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته صبح سوير هِڪ ڪار سوار اسپيڊ ۾ اچي ڪار بيهاري ڪار جي تصوير ڪڍڻ بعد انبن جي باغ ۾ فرار ٿي ويو جنهن بعد اسين سٽي پوليس کي اطلاع ڏنو جن پهچي ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد سٽي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي، بعد ۾ معلوم ٿيو ته ڪار ۾ سوار خانپور مهر جو مختيار ڪار ياسين شيخ هو جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب پيڇو ڪيو ته نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو