ميرپورخاص شگر ملز ۾ ڪم دوران پورھيت فوت

ميرپورخاص (ن سنڌ يار) ميرپورخاص شگر ملز ۾ ڪم دوران ٽريڪٽر جو ھر لڳڻ دوران 40 سالن جو پورھيت گل محمد لنڊ فوت.خبر موجب ڳوٺ رکيل لنڊ واسي پورھيت گل محمد لنڊ جيڪو ميرپورخاص شگر ملز ۾ ڪم ڪري رھيو ھو ته اتي بگاس جي ڪم ڪرڻ دوران ٽريڪٽر جو ھر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي شگر ملز انتظاميا پاران ايمبولينس ۾ وجھي سول اسپتال کڻي اچي رھيا ھئا پورھيت رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران پورھيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو