ميرپورجي سول اسپتال تي نيب جو ڇاپو، ڪرپشن جي جاچ شروع

ميرپورماٿيلو(ظهير وسير) سول اسپتال ۾ اوچتو نيب ٽيم جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪامران علي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هنيو ويو. نيب ٽيم اسپتال اندردوائن،مشينري ۽ رڪارڊ جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته صحت کاتي جي ذريعن موجب نيب ٽيم 2010ع کان 2019 ع تائين جي وچ ۾ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف اسپتالن لاءِ خريد ڪيل دوائن ۽ مشنري جي ٿيل خريداري جي جاچ ڪري رهي آهي. مليل ڄاڻ موجب مختلف وقتن تي دوائن ۽ مشينري جي خريداري ۾ مبينه ڪرپشن ٿي آهي ڪٿي غيرمعياري دوائون ۽ غير معياري مشينري خريد ڪئي ويئي آهي ۽ ڪٿي ته صرف ڪاغذن ۾ دوائن ۽ مشينري جي خريداري ڪئي ويئي آهي ۽ موقعي تي اها مشينري يا دوائون موجود ئي ناهن. ذريعن موجب ڄاڻايل نيب ٽيم 5 ڏينهن گهوٽڪي ضلعي اندر رهندي پوري جاچ ڪرڻ بعد ريفرنس تيار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو