ميجر جنرل بابر افتخار پاڪ فوج جو نئون ترجمان مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪندي ميجر جنرل بابر افتخار کي تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو ڊائريڪٽر جنرل ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ميجر جنرل آصف غفور کي بدلي ڪري ان کي جي او سي 40 ڊويزن (اوڪاڙه) مقرر ڪيو ويو آهي. ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر آءِ ايس پي آر جي اڪائونٽ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الحمدالله ان سڀني جو شڪريو ادا ٿو ڪيان جنهن سان مون گڏجي ڪم ڪيو ميڊيا جو شڪرگذار آهيان پاڪستاني عوام جي محبت ۽ سپورٽ تي به دل سان شڪريو ادا ٿو ڪيان. هن نئين ڊي جي آءِ ايس پي آر لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو. ان کان علاوهه ٽوئٽر تي پنهنجي ذاتي اڪائونٽ تي هڪ پيغام ۾ چيو ته توهان جي محبت ۽ حمايت جو شڪريو مضبوط رهندي پاڪستان لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. ميجر جنرل بابر افتخار 1990 ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج ڪوئيٽا، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ رائل ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج اردن کان گريجوئيٽ ڪئي. هن کي ڪمانڊ ۽ تربيت جو وسيع تجربو حاصل آهي هن برگيڊ ميجر طور آرمرڊ برگيڊ، وزيرستان ۾ انفنٽري ڊويزن جي برگيڊيئر اسٽاف ۽ چيف آف اسٽاف ڪور هيڊڪوارٽر ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان کان علاوهه هو شمالي وزيرستان ۾ آرمرڊ برگيڊ ۽ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊر جي طور به مقرر ٿي چڪو آهي. هن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ فڪلٽي ميمبر طور به خدمتون انجام ڏنيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر مقرري کان اڳ هو آمرڊ ڊويزن جي ڪمانڊ ڪري رهيو هو. ياد رهي ته 15 ڊسمبر 2016 تي ميجر جنرل آصف غفور کي پاڪ فوج جي تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آڙ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو هو. هن وقت عسڪري جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميجر جنرل غفور آرٽلري ريجمينٽ سان تعلق رکي ٿو ۽ هن کي آپريشن جو وڏو تجربو حاصل آهي. هو ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن جڏهن ته قومي ايڪشن پلان جي تڪميل ۾ به شامل رهيو. خيال رهي ته ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه ڊي جي آءِ ايس پي آر هيو جن کي ترقي ڏئي جي ايڇ ڪيو ۾ انسپيڪٽر جنرل آف آرمز مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو