نوازشريف جي طبي چڪاس، دل جي کاٻي شريان درست ڪم نه پئي ڪري

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو مسلسل ٻئي ڏينهن به پنهنجي خانداني اسپتال ۾ چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ ڪالهه ٿيل ٽيسٽ جو نتيجو ڏسڻ بعد سندس معالج جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي دل جي کاٻي پاسي واريون شريانيون درست ڪم نٿيون ڪن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اڃا وڌيڪ ٽيسٽس جي ضرورت آهي جيڪي جلد ڪيون وينديون. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد جي دل جي کاٻي پاسي واريون شريانيون درست نموني ڪم نه پيون ڪن ۽ ڊاڪٽرن ايندڙ هفتي وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل ڇنڇر تي نواز شريف کي شريف ميڊيڪل سٽي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون، ان موقعي تي سندس اي سي جي به ڪئي وئي، ڊاڪٽرن اي سي جي ۾ بي ترتيبي نظر اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته دل جي ڌڙڪن جي ترتيب ۾ هيٺ مٿانهين معمول مطابق نه هجڻ سٺي علامت نه آهي. ڊاڪٽرن دل جي ڌڙڪن کي ترتيب ۾ آڻڻ لاءِ “پيس ميڪر” ۽ “آءِ سي ڊي” ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، انهن مشينن جي استعمال جو مقصد دل جي ڌڙڪڻ کي هڪ هنڌ کان هيٺ وڃڻ کان بچائڻ آهي. مريم اورنگزيب بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڊاڪٽرن ان موقعي تي ميان نواز شريف جي اکين ۽ ان جي اندروني حصي جو به مشين ذريعي معائنو ڪيو ۽ شگر جي اکين جي اندروني حصن تي اثر جو جائزو ورتو..

پهنجو تبصرو موڪليو