ميان مجن جون مختلف برادرين سان عذر خواهيون

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي گھوٽڪي جي صدر ميان عبدالمالڪ المعروف ميان مجن سائين تعلقه گھوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري غازي صلاح الدين چنا سان گڏ  ميرپور ماٿيلو ـ سرحد ـ ۽ گھوٽڪي پھچي ڳوٺ صوبدار کھاوڙ ۾  کھاوڙ برادري جي ماڻھن سان تعزيت ڪئي جنھن کان پو۽ گھوٽڪي شھر جي  سول اسپتال ڪالوني ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ناھيد حسين ملڪ جي والد جي وفات تي سندس ڀاء ھيبت حسين ملڪ ۽ وڏي پٽ نظير حسين ملڪ ـ ناھيد حسين ملڪ ـ سان تعزيت پڻ ڪئي ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري خالد حسين لاکو ـ شاھنواز گھوٽو ـ سيد آصف علي شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا  ٻئي طرف چنا پمپ لڳ ڳوٺ محمد ھاشم بھڻ پھچي  محمد زمان بھڻ جي وڏي ڀاء جي وفات تي محمد زمان بھڻ ـ خان بھڻ ـ محمد حسين بھڻ ۽ ٻين سان  تعزيت ڪئي جڏھن ته  ڳوٺ تاج محمد رڪ ۾ فقير امان اللھ رڪ  سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي ان موقعي تي فرمان علي رڪ رياض احمد رڪ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو